عبدالله سومرو

عبدالله سومرو: عبدالله ولد محمد بخش سومرو مشهور ڪاتب ٿي گذريو آهي. هن گهوٽڪيءَ کان 3 ميل پري ڳوٺ علي محمد سومري ۾ جنم ورتو. قرآن پاڪ جي ابتدائي تعليم ڳوٺ شيخاڻي ۾ ميان احمد علي ڪلهوڙي کان حاصل ڪئي، ان کان پوءِ فارسي تعليم مولانا نور محمد ملڪ، عادلپوريءَ وٽان حاصل ڪيائين. ڪتابت جو فن به ان وٽان حاصل ڪيائين، جيڪو ان دور جو سٺو ڪاتب هو.
عبدالله سومري جو ڳوٺ ان وقت ديني تعليم جي لحاظ کان ڏاڍو مشهور هو. مولانا تاج محمود امروٽي به ان ڳوٺ ۾ ايندو ويندو هو. هو مولانا تاج محمود امروٽيءَ کان گهڻو متاثر ٿيو ۽ هن سان گڏ خلافت تحريڪ ۽ مسجدن جي بچاءَ واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. ڪجهه وقت پنهنجو ڳوٺ ڇڏي اچي امروٽ ۾ رهيو ۽ وڌيڪ تعليم به اتان ئي حاصل ڪيائين ۽ اتي جي ڪاتبن کان ڪتابت جو فن به سکندو رهيو. امروٽ کان واپس ٿيڻ بعد پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ ديني مدرسو ‘مدرسة تعليم القرآن’ جي نالي سان قائم ڪيائين، جتي آخري عمر تائين شاگردن کي ديني تعليم ڏيندو رهيو. ساڄي ٻانهن ڀڳل هئي، ان ڪري کاٻي هٿ سان ڪتابت ڪندو هو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو کيس ‘چق نويس’ يعني کاٻي هٿ سان لکڻ وارو سڏيندا هئا. پاڻ به پنهنجي نالي سان عبدالله چق نويس لکندو هو، جيئن سچل سرمست جي رسالي ۾ لکيو اٿس. عبدالله سومرو سکر ۽ حيدرآباد جي مشهور پبلشرن لاءِ اجوري تي ڪتابت جو ڪم ڪندو هو. هن ڪيترن ئي ديني ۽ اصلاحي ڪتابن جي ڪتابت ڪئي. سندس ڪتابت ڪيل ڇپيل ڪتاب اڄ به ڪيترن ڪتبخانن ۾ موجود آهن. عبدالله سومري 80 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سندس مزار ڳوٺ شيخاڻيءَ ڀرسان ظاهر پير واري قبرستان ۾ آهي.


لفظ عبدالله سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو